زاهد صديقي

زاهد صديقي

زاهد صديقي

زاهد صديقي: مشهور سنڌي اداڪار زاهد ولد جان محمد صديقي، 20 جولاءِ 1973ع تي دوآبي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هن 1993ع کان اسٽيج ڊرامن ذريعي فن جو آغاز ڪيو ۽ مشهور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منان عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ اسٽيج توڙي ٽي. وي ڊرامن ۾ سٺي پرفارمنس ڏنائين. سندس مشهور ڊرامن ۾ ’ڪڏهن ته ملنداسين‘، ’ڏوراپو‘، ’آليون اکيون‘ وغيره شامل آهن. هي ڪيترين ٽيلي فلمن جي هدايتڪاري به ڪري چڪو آهي جن ۾ ’خر دماغ‘، ’باغي شير’پوتي ۽ پڳ‘، ’ڌرتي‘ وغيره شامل آهن. هن عبدالمنان عباسيءَ جي ڊائريڪشن ۾ ٽيلي فلمن: غلامي ۽ واهه لالو واهه ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. کيس ڪي. ٽي. اين طرفان ’ماما لالو‘ جي ليکڪ طور اوارڊ به مليو آهي. هن فن جي دنيا ۾ شرف الدين چوهاڻ عرف الوٽ، مقصود ڀٽي ۽ جهانگير سيال جي رهنمائي ڪئي آهي. زاهد صديقي سماجي تنظيم ’ساوا‘ جو ميمبر پڻ آهي ۽ اڄڪلهه دادوءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ زاهد صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.07.20  عيسوي

مشهور سنڌي اداڪار زاهد ولد جان محمد صديقي، 20 جولاءِ 1973ع تي دوآبي، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه ولي خان
سنهڙو سائين
شني آهوجا
بيربل
اڪرم مڱڻهار
چاڪر خان جسڪاڻي
پيٽن رائوس
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
جيمس ينگ سمپسن
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون